علمي سطح تي آمريڪا سڀني ملڪن جو ٻيڙو ٻوڙڻ ۾ پھرين نمبر تي آھي، ھن ڀيري امريڪا وري پنھنجي NATO الائينس ۾ وڌيڪ ٻن ملڪن کي شامل ڪري رھي آھي ۽ انھن ٻن ملڪن بہ يوڪرين جي موجودہ حالت ڏسي نيٽو ميمبرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ ڳالھ ٻول شروع ڪري ڇڏي آھي، ۽ اھي ٻہ ملڪ Finland ۽ Sweden آھين. فنلينڊ جي اڪثريتي عوام بہ نيٽو جي ميمبر ٿيڻ لاءِ وڏي خوش آھي. ٻي پاسي روس بہ ٻني ملڪن کي پيغام رسايو آھي تہ جي اگر نيٽو سان دوستي ڪئي تہ روس فنلينڊ ۽ سوئيڊن سان واسطو خراب ڪندو ۽ ان جا نتيجا خطرناڪ نڪري سگھن ٿا. روس ھڪ پاسي يوڪرين سان ويڙھ ڪري رھيو آھي ۽ ساڳي وقت ٻني ملڪن کي بہ اک ڏيکاري پيو. توھان کي ڇا ٿو لڳي جي اگر فنلينڊ ۽ سوئيڊن نيٽو جا ميمبر ٿي ويا تہ روس مقابلو ڪري سگھندو؟