Topic - مڪلي، ٺٽو

مڪلي، ٺٽو



#MakliNecropolis #Sindh
مڪليءَ جو نالو انهيءَ ٽڪريءَ تي ڪيئن پيو، ان جي صحيح ۽ اطمينان بخش تحقيق ڪانه آهي. ”تحفته الڪرام“ جي روايت مطابق، هڪ بزرگ حج تي ويندي اچي انهيءَ ٽڪريءَ تي مقيم ٿيو؛ رات جو ڪو خواب ڏٺائين، ۽ ان مان ڇرڪ ڀري جڏهن اٿيو، ته سندس زبان تي” هذا مکته لي“ جو فقرو جاري هو. يعني ”هي منهنجو مڪو آهي! هي منهنجو مڪو آهي!“ انهيءَ بزرگ جو اهو فقرو ايتري قدر مشهور ٿي ويو، جو زبان زد عام ٿي، آخر ”مڪلي“ جي تخفيف شده صورت اختيار ڪري چڪو.
ٻيءَ هڪ روايت موجب هڪ پاڪباز، ۽ زاهده عابده مائي، فوت ٿيڻ بعد، انهيءَ ٽڪريءَ تي دفن ٿي، جنهن جي مزار سان متصل شيخ حماد ”مڪته لي“ رکيو، ۽ اهو مشهور ٿي ”مڪلي“ ٿي ويو. مسجد جامع جي عين محراب سان متصل انهيءَ مائيءَ جي زبون ٿيل مزار موجود آهي، (تحفته الڪرام“، ص ص 180،184

Subsection: General Knowledge
Section: Student Zone

Topic Files
Last edited REHAN - 8 Oct 2021, 12:19
Latest Activity: 8 Oct 2021, 12:19
Comments 0
No comments yet
Sorry, comments are not available for you
Back
Advertisement

www.Pakweb.pro
Fastest News Updates Pakistani Website