Topic - شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح | 2 Page

شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح
رات وئي صبح ٿي پکین کولیاپَکَ۰۰۰،
ڪِن میڙیا ماڻڪ موتي ڪِن میڙیا ڪَک۰۰۰،
ملیا انھن کي لَکَ جن امید نہ لاٿي اللہ مان ،
(شاھ عبدالطیف ڀٽائي)


Subsection: Sindhi SMS
Section: SMS Zone

Topic Files
Comments 114
ڪڇي ڪاڇوٽي نانگن ٻڌي نينهن جي
جهڙا آيا جڳ ۾ تهڙا ويا موٽي
پر تنين جي چوٽي پورب ٿيندي پڌري (شاه)
30 May 2025, 15:57
0
جر تي لٿين جيئن، شال مرين ها هنجڙا !
ڪانيرن سان ڪيئن، گهاريئي ايڏا ڏينهڙا ؟
لطيف
21 Feb 2024, 22:02
0
‏‎ساڳيا اُٺ, ساڳيا اُوٺي, ساڳي اُٺن اوڳ,
ڀيري ڀيري ڀوڳ, ڀينر هن ڀنڀور سان
شاه لطیف
17 Feb 2024, 16:52
0
مُون سي ڏِٺا، ماءِ! جنِين ڏِٺو پِرينءَ کي،
رَھِي اَچِجي راتڙِي، تن جُنگَنِ سَندِيءَ جاءِ،
تنِين جِي ساڃاءِ، تُرھو ٿِئي تارِ ۾.
19 Jan 2024, 01:15
0
اڄ نہ اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
آديسي اُٿي ويا، مڙھيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيئارين، سي لاھوتي لڏي ويا.(شاھ)
3 Jan 2024, 23:19
0
جَفا وارِين جَسُ ،جَسُ جَفا رِءَ نه ٿِئي
سُکَنِ ساٿُ وِڃائِيو ، گولِي ڇَڏِ مَ گَسُ
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئي ڏونگرُ آهي ڏَسُ
پُنهون هَلي پَسُ ، سِرَ ڀَرِ سِري سَسُئي.
شاھ
4 Jul 2023, 10:42
0
آيا آسَ ٿِيامِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾؛
پَسِي پَهَرَ پُنهونءَ جِي، نَنهَن سِيئن نيڻَ ٺَرِيامِ؛
گُوندَرَ وِسِريامِ، سُکَنِ شاخُون مُڪِيُون.
22 May 2023, 22:54
0
ڏيکارِيُسِ ڏُکَنِ، گُوندَرَ گَسُ پِرِيُنِ جو؛
سُونهائي سُورَنِ، ڪِي هيڪاندِي هوتَ سين.
22 May 2023, 22:54
0

سي پوڄارا پر ٿيا ، سمنڊ سيو يو جن،
آندائون عميق مان ، جوتي جواهران ،
لڌائون ، ليطف چئي ، لالون مان لهرن،
ڪانهي قيمت تن ، ملهه مهانگو ان جو
22 May 2023, 22:40
0
اهــــــکي راه الله جي، اهــــــکي، اهـــکي ڀت،
هوءِ جي ڏهائي ڏيهه جا، تن پڻ موڙهي مت،
آڇـــــاڙان ابت، گهـــڙج گهــــاٽي نيهن سـان۔
22 May 2023, 22:39
0
سر سلابت، سپرين! مَرَڪَڻَ! تون مَ مـــــــــــريجِ،
آهين ٺار اکين جو، وٽان مون مَ وڃيـــــــــــــــج،
تماچي! تڳيج، ڪو ڏينهن ڪينجهر ڪنڌيين.
22 May 2023, 22:36
0
جياريس سنڀـارَ، ڪـــهه ڪـــرينديس گڏجـــي،
ويـــــر وتــــار وجـــــود ۾، پـــــرين جـــــي پــچار،
سي سڄڻ هئن نه ڌار، جي هينئين ۾ حل ٿيا.

شاه عبدالطيف ڀٽائي
22 May 2023, 22:34
0
اَڳي اُٺَ رَڙَنِ مُون ڀيري ماٺِ ٿِئِي
پَلاڻِيندي، پاڻَ ۾، ڪُڇِيو ڪِينَ ڪُٺَنِ
ڪا جا مامَ مُٺَنِ، ھِنِ پڻ ھُئِي ھُنَ سين.
شاھ,
22 May 2023, 14:58
0
جِئن جِئن تَپي ڏِينهُن، تِئن تِئن تاڻي پَنڌَ ۾؛
ڪو آڳانجھو نِينهُن، ٻانڀَڻِ ٻاروچَنِ سين.
15 May 2023, 22:34
0
ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ رَھي، جَنھِن ۾ اڇِي اُنَّ؛
تہ پڻُ ويٺي وِنڌِيان، توڙي پَوَنِسِ تُنَّ؛
غافِلُ رَکُ غَرِيبِ کي، عُمَرَ! مَنجهِہ اَمُنَ؛
سَرتِيُنِ ساڻُ سَمُنَّ، آهِمِ اُٺي مِينھَنڙي.
9 May 2023, 13:37
0
"ڏِسِي ڀُليَسَ وَيسُ، نَہ تَہ وَڻ بہ گهڻا ها ويجهڙا
اچي پَيَس تنهنجي دامن ۾، ڏِسِي لال لِبيسَ،
مُون ڀانيَو آ درويش، پر تُون تَہ بازن کان بہ بُڇڙو"
9 May 2023, 11:59
0
اڱڻ تازي ٻھر ڪنڍيون، پکا پٽ سونهن،
سرهي سيڄ پاسي پرين، مر پيا مينھن وسن،
اسان ۽ پرينِ، شال ھون برابر ڏينھڙا،
25 Apr 2023, 13:52
0
سر سلابت، سپرين! مَرَڪَڻَ! تون مَ مـــــــــــريجِ،
آهين ٺار اکين جو، وٽان مون مَ وڃيـــــــــــــــج،
تماچي! تڳيج، ڪو ڏينهن ڪينجهر ڪنڌيين.
24 Apr 2023, 23:30
0

12347
Sorry, comments are not available for you
Back
Advertisement

Subscribe to Sindhi Channel YouTube
Watch latest HD Sindhi Content


Online Users
All
Advertisment