اھم معلومات سنڌ
اھم معلومات
سنڌ جي قومي تحريڪ بابت ڄاڻ
سوال1. سائين جي ايم سيد جو پورو نالو؟
جواب. غلام مرتضيٰ شاهه.
سوال2. سائين جي ايم سيد جي والد صاحب جو نالو ڇا آهي؟
جواب. سيد غلام محمد شاهه.
سوال3. سائين جي ايم سيد جي ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ؟
جواب. 17.01.1904 سن شهر ۾ پيدا ٿيو.
سوال4. سائين جي ايم سيد جي وفات ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿي؟
جواب. 25.04.1995 تي ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ ٿي.
سوال5. سائين جي ايم سيد سنڌ جي آزادي جو نعرو ڪڏهن هنيو؟
جواب. 31 مارچ 1971 ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ هڪ شام شاگردن جي نانءُ ۾ هنيو.
سوال6. سنڌوديش جو جهنڊو ڪنهن ترتيب ڏنو؟
جواب. اقبال ترين.
سوال7. سنڌوديش جو آئين ڪنهن ترتيب ڏنو؟
جواب. اقبال ترين.
سوال8. جساف جو پهريون مرڪزي صدر ڪير هيو؟
جواب. اقبال ترين.
سوال9. سنڌ جو اصل نالو ڇا آهي؟
جواب. سنڌو سڀيتا.
سوال10. سائين جي ايم سيد گهڻا سال قيد ڪاٽيو؟
جواب. سائين جي ايم سيد 33 سال 6 مهينا ۽ 12 ڏينهن قيد ڪاٽيو.
سوال11. سائين جي ايم سيد ڪيترا ڪتاب لکيا؟
جواب. سائين جي ايم سيد 65 ڪتاب لکيا جنهن مان 32 ڪتاب شايع ٿيا.
سوال12. سائين جي ايم سيد جي مشهور ڪتابن جا نالا ڪهڙا آهن؟
جواب. جيئن ڏٺو آهي مون، سنڌوءَ جي ساڃاهه، سنڌ جا سُورما، سنڌوديش ڇو ۽ ڇا لاءِ،
سنڌ ڳالهائي ٿي، نئين سنڌ لاءِ جدوجهد، پيغام لطيف وغيره.
سوال13. سائين جي ايم سيد جو نظريو ڪهڙن چئن نقطن تي ٻڌل آهي؟
جواب. 1. نيشنل ازم 2. سوشل ازم 3. جمهوريت 4. ترقي بني آدم
سوال14. جسقم جو وجود ڪڏهن پيو؟
جواب. سائين جي ايم سيد جي وفات کانپوءِ 1995 ۾ جسقم جو وجود پيو؟
سوال15. شهيد بشير خان قريشي جو جنم ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿيو؟
جواب. 10 آگسٽ 1958 ۾ رتوديرو شهر جي موٽڻ پور محله ۾ جنم ٿيو.
سوال16. شهيد بشير خان جي شهادت ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿي؟
جواب. 7 اپريل 2012 رياست جي دلالن هٿان سُقراط جيان زهر ڏئي سڪرنڊ شهر ۾ شهيد
ڪيو ويو.
سوال17. شهيد بشير خان قريشي ڪڏهن ۽ ڪيترا آزادي مارچ ڪيا؟
جواب. شهيد بشير خان قريشي ٽوٽل 2 آزادي مارچ ڪيا جن مان هڪڙو 7 نومبر 2009 ۽
ٻيو 23 مارچ 2012 ڪراچي ۾ ڪيا.
سوال18. شهيد بشير خان ڪهڙين خوبين جي ڪري سنڌ جي ماڻهن ۾ پنهنجو مقام ٺاهيو؟
جواب. نياز نوڙت، محبت، ادب، اخلاق جي خوبين سبب سنڌ جي ماڻهن وٽ پنهنجو
مقام ٺاهيو.
سوال19. شهيد بشير خان قريشي جي آخري آرامگاهه ڪٿي آهي؟
جواب. رتوديرو باءِ پاس تي سندس جي آخري آرمگاهه موجود آهي.
سوال20. شهيد بشير خان جي والد صاحب جو نالو ڇا آهي؟
جواب. شهيد بشير خان جي والد صاحب جو نالو غلام مرتضيٰ قريشي آهي.
سوال21. شهيد بشير خان کي ڪيترا ڀائر هئا ۽ انهن جا نالا ڇا آهن؟
جواب. شهيد بشير خان کي هڪ ڀاءُ هيو جنهن جو نالو شهيد مقصود خان قريشي هيو.
سوال22. شهيد مقصود خان کي ڪڏهن شهيد ڪيو ويو؟
جواب. 21 مارچ 2014 ۾ ڀريا روڊ تي رياستي دلالن پاران گوليون هڻي زنده ساڙيو ويو،
جنهن ۾ جيئي سنڌ لطيف سنگت جو مرڪزي صدر سلمان وڌيو کي به ساڙيو ويو هيو.
سوال23. شهيد بشير خان قريشي ڪڏهن ۽ ڪٿان کان ڪيترا ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪيو؟
جواب. شهيد بشير خان قريشي 2007 ۾سکر کان ڪراچي تائين 450 ڪلوميٽر پيادل مارچ
ڪيو جنهن ۾ سندس جا پير پٿون ٿي پيا هيا.
سوال24. شهيد بشير خان تي ڪيترا قاتلاڻا حملا ٿيا هئا؟
جواب. شهيد بشير خان تي ٻه قاتلاڻا حملا ٿيا هئا جن مان پهريون ڪراچي ۾ ٿيو جنهن
۾ سندس ساٿي قيوم منگي شهيد ٿي ويو ۽ ٻيو حملو پڻ ڪراچي ۾ ٿيو جنهن سندس ساٿي مشتاق خاصخيلي شهيد ٿي ويو هيو.
سوال25. شهيد بشير خان ڪيترا سال قيد ڪاٽيو؟
جواب. شهيد بشير خان ڇهه سال ٻه مهينا قيد ڪاٽيو.
سوال26. جسقم جو موجوده چيئرمين ڪير آهي؟
جواب. جسقم جو موجوده چيئرمين محترم صنعان خان قريشي آهي جيڪو شهيد بشير
خان قريشي جو پڳدار فرزند آهي.
سوال27. صنعان خان قريشي پهريون آزادي مارچ ڪڏهن ۽ ڪٿي ڪيو؟
جواب. صنعان خان قريشي پهريون آزادي مارچ 23 مارچ 2014 ڪراچي ۾ ڪيو جنهن ۾
40 لک کان وڌيڪ سنڌين شرڪت ڪئي.
سوال28. سنڌ جي جهنڊي جو رنگ ۽ نشاني ڪهڙي آهي؟
جواب. سنڌ جي جهنڊي جو رنگ ڳاڙهو ۽ وچ ۾ اڇو گول دائرو ۽ ان ۾ ڪهاڙي
جي نشاني آهي.
سوال29. سنڌ جي جهنڊي ۾ ڳاڙهي رنگ، اڇي رنگ ۽ ڪهاڙيءَ جو مطلب ڇا آهي؟
جواب. سنڌ جي جهنڊي ۾ موجود ڳاڙهو رنگ انقلاب جي نشاني ۽ اڇو رنگ امن جي
نشاني ۽ ڪهاڙي پورهيت جي نشاني آهي.
سوال30. سنڌ جا قديمي ماڳ ڪهڙا آهن؟
جواب. موهين جو دڙو، رني ڪوٽ، لاکين جو دڙو، ڪوٽڏجي قلعو، ديبل بندرگاهه
وغيره.
سوال31. سنڌوديش جو قومي ترانو ڪنهن لکيو؟
جواب. سنڌوديش جو قومي ترانو سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز لکيو.
سوال32. سنڌ جا ڪي به پنج قومي شاعر ڪهڙا آهن؟
جواب. مهان قوي شيخ اياز، استاد بخاري، حليم باغي، سرڪش سنڌي، حسن درس.
سوال33. سنڌ جا سُورما ڪهڙا آهن؟
جواب. شهيد مها راجا ڏاهر، شهيد صوفي شاهه عنايت، دولهه درياءُ خان، مخدوم بلاول،
دودو سومرو، هوش محمد شيدي، هيمون ڪالاڻي، روپلو چولياڻي.
Subsection: General Knowledge
Section: Student Zone
Topic Files
Comments 1
Sorry, comments are not available for you
Back
Interesting Blogs
23 Apr 2026, 23:24
75% of Google's New Code is Being W ...
Tech
0
1
0
2
0
23 Apr 2026, 21:25
Karachi Born Sualeh Asif Become Pakistan ...
Business
2
3
0
3
0
21 Apr 2026, 15:11
HIV cases are increasing across Pakistan
Health
0
1
0
4
0
18 Apr 2026, 12:18
No Electricity, No Signals : Zong, Ufone ...
Networks
2
4
0
4
0
All
Advertisment




